رسالة السيد عبداللطيف بٽائي رح

رسالة السيد عبداللطيف بٽائي رح (ڪتاب): ڊاڪٽر فضل رحيم سومري ولد حڪيم محمد امين سومري سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو عربي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو هو. هن شاهه جي رسالي جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪري عربي پڙهندڙن کي شاهه جي آفاقي ڪلام ۽ اعلى مقام کان روشناس ڪرايو. هن ترجمي کانپوءِ عرب دنيا کي اعلى مرتبي واري جو شاعر شاهه لطيف جي آگاهي ٿي، سندس ترجمي ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ جو محدود ڪاپيون شايع ٿيون، هن وقت هي رسالو اڻلڀ آهي. هن رسالي جو 8 اپريل 1984ع تي اڳوڻي وفاقي وزير دفاع مير علي احمد خان ٽالپر افتتاح ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو